راڄڙ منٺار فقير

راڄڙ منٺار فقير

راڄڙ منٺار فقير

راڄڙ، منٺار فقير: مشهور عوامي ۽ صوفي شاعر فقير منٺار ولد قبول محمد راڄڙ، ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ ۾ 1865ع ۾ جنم ورتو. منٺار فقير راڄڙ ننڍپڻ کان وٺي فقيريءَ ڏانهن مائل هو. هن جا وڏا غوث الحق مخدوم نوح سرور جا مريد هئا ۽ فقير منٺار پڻ مخدوم نوح جي تيرهين سجاده نشين مخدوم محمد امين پکن ڌڻيءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي. اهڙيءَ ريت هن هڪ سچي طالب ۽ سچي فقير جو رتبو حاصل ڪري ورتو. مرشد جي وفات کانپوءِ بيحد اداس ٿي پيو ۽ زندگي گهڻي بيچينيءَ سان گذارڻ لڳو. هڪ رات پنهنجي مرشد کي خواب ۾ ڏٺائين ته پاڻ کيس هٿ ڏنو اٿن ۽ مرشد کيس چوي پيو ته ’تو کي پڙهايون ٿا ۽ تون پڙهه‘. پوءِ پاڻ لکيل اکرن تي آڱر رکندو پڙهندو ويو. ان خواب کانپوءِ کيس پاڻمرادو شاعريءَ جي ڏات ملي. اهڙيءَ طرح ان ڪيفيت ۾ سفر تي نڪري پيو ۽ مسلسل ڏهه سال سفر ۾ گذاريائين. ان دوران سنڌ ۾ ڪيترين ولين ۽ بزرگن سان صحبتون ڪرڻ سان گڏ ملتان ۽ اجمير شريف تائين ڪيترن بزرگن وٽ حاضريون ڏنائين. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي درگاهه تي به سندس اڪثر وڃڻ ٿيندو هو.
منٺار فقير جا ڪيترائي قصا ۽ واقعا مشهور آهن. منٺار فقير جو ڪلام ’رسالو مرتضائي‘، ’رسالو خدائي‘ ۽ ’رسالو رهنمائيءَ‘ جي عنوانن سان ٽن ڀاڱن ۾، 1927ع، 1928ع، 1929ع ۾ ڇپيو هو، جن مان ’رسالو مرتضائي‘ سن 1928ع ۾ ٻيراڻيءَ جي صوفي سيٺين جمعتراءِ پٽ راءِ صاحب نارائڻداس ۽ پرتاب راءِ پٽ شامداس ڇپرايو هو. جنهن ۾ منٺار فقير جي مداحن، مرثين، ذڪر ماتام جي زارين، شهداءِ ڪربلا جي تعريف وارو ڪلام شامل هو. ’رسالي رهنمائي‘ ۾ منٺار فقير جا ڏهر، ڪافيون، مولود، لوليون ۽ صداناما شامل آهن. هي به 1929ع ۾ صوفي پرتاب راءِ پٽ شامنداس ڇپايو هو، جيڪي ٻئي ڪتاب ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. ان کانسواءِ ’منٺار فقير جو ڪلام‘ فقير ولي بخش، گڏيل نموني پڻ ڇپرايو هو.
منٺار فقير، قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. کيس هڪ فرزند جو اولاد ٿيو، جنهن جوانيءَ ۾ ئي وفات ڪئي ۽ درگاهه جو انتظام سندس ٻن پوٽن فقير ولي بخش ۽ قبول محمد سنڀاليو. هن انهن جي تربيت ڪئي. فقير ولي بخش جي حيات ۽ شاعريءَ تي ’پرين تنهنجي پياس ۾‘ عنوان سان ڪتاب پڻ ڇپيل آهي.
منٺار فقير 16 جنوري 1935ع تي وفات ڪئي. هر سال سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي، ميلي جي موقعي تي اڪثر ادبي ڪانفرنس ٿيندي آهي، جنهن ۾ ناميارا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا آهن. هن ڪانفرنس ۾ سروري خاندان مان مخدوم امين فهيم ۽ مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ به اڪثر شرڪت ڪندا رهندا آهن.
منٺار فقير جو ڪلام گھڻو تڻو مداحن، مولودن، مرثين، بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. سندس ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:
ٿلهه:
تون سردار ڏاتار سخي نام تنهنجو،
آءٌ مڱڻهار پينار آهيان مدام تنهنجو،
تون امين چڱو دين ڏيڻ ڪام تنهنجو،
يا حبيب ڪر نصيب سو اسلام تنهنجو،
هي منٺار هردار پنيار تنهنجو،
سو ڀٽ ڀان گھري دان ٿيو نئون انعام تنهنجو.


لفظ راڄڙ منٺار فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.01.16  عيسوي

منٺار فقير 16 جنوري 1935ع تي وفات ڪئي. هر سال سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي، ميلي جي موقعي تي اڪثر ادبي ڪانفرنس ٿيندي آهي، جنهن ۾ ناميارا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا آهن.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد بخاري
فقير محمد اسماعيل قاسم پلي
ٻڍل لاشاري
پٺاڻ محمد اڪرم
سيد باغن شاهه:
حافظ حيات شاهه
حسين فقير ديدڙ
اختر ثانوري
شاهن باڊاهي
باغي حليم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون